عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿهيم : نامياري سياستدان عبدالسلام ولد حاجي گل محمد ٿهيم، پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿهيم (شهدادپور) ۾ جنم ورتو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين، 1968ع کان هن سياست ۾ پير پاتو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سندس پراڻو ناتو رهيو. شروعات ۾ پ. پ جو تعلقي صدر ۽ پوءِ ضلعي سانگهڙ جو صدر بڻيو، جڏهن ته پ. پ- سنڌ جو رابطه سيڪريٽري به رهيو. عبدالسلام ٿهيم 1988ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿيو، جنهن بعد ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جو وزير مقرر ٿيو؛ 1990ع واري چونڊ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو؛ 1993ع واري اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيو، جنهن بعد کيس سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ڪيو ويو؛ 1996ع ۾ جهنگلي جيوَت کاتي جو وزير ٿيو؛ 1997ع واري چونڊ ۾ سرسي حاصل نه ٿيس، جڏهن ته 2008ع واري چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ کيس سنڌ جي ”ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽيءَ“ جي وزارت جو قلمدان مليو. نوٽ: ٿهيم '>عبدالسلام ٿهيم 22 اپريل 2012ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ عبدالسلام ٿهيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.01  عيسوي

عبدالسلام ٿهيم پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿهيم شهدادپور ۾ جنم ورتو


2012.04.22  عيسوي

عبدالسلام ٿهيم 22 اپريل 2012ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي واجد
خانبهادر محمد صديق ميمڻ
پير مولانا نثار احمد سرهندي
محمد يوسف سرهيو
صديق علي خان نواب
شاهد ڀٽو
ڀڳتياڻي ھَرِي ديوي
ريحانه
طارق عزيز
صالح بيگ مرزا ترخان اول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون